چنيهاڻي ڳوٺ

چنيهاڻي ڳوٺ: هي قديم ڳوٺ ضلعي نوشهري فيروز جي تعلقي ڪنڊياري کان چار ميل پري اتر- اولهه طرف واقع آهي. هيءُ ڳوٺ ڪلهوڙا خاندان جي چڱي مڙس چنيهه آباد ڪيو، ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته اهي چنا آهن، جنهن لفظ مان ڦري چنيهاڻي ٿيا. قديم دؤر ۾ هي ڳوٺ وڏو واپاري مرڪز هو ۽ هتي هڪ بندر هو، جتان ٻيڙين ذريعي سکر ۽ ٺٽي تائين اچ وڃ ٿيندي هئي، ان دور ۾ ڳوٺ جي ڀرسان هڪ پل به هئي، مقامي ماڻهن کان ورايت آهي ته ان دور ۾ تمام گهڻيون واپاري ٻيڙيون هتي اينديون هيون، جن لاءِ رستي کان اتر طرف ٻارنهن سؤ فوٽن تي مشتمل دڪو ٻڌل هو، جتي واپاري پنهنجو مال لاهيندا هئا، ڳوٺ کان اڍائي ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هڪ قديم مسجد پڻ آهي، جيڪا”ڳاڙهي مسجد“ جي نالي سان سڏي وڃي ٿي، ان بابت روايت آهي ته اها مسجد ڪلهوڙن جي دؤر جي آهي، هيءُ ڳوٺ اڄ به ان نالي سان آباد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو